عبدالله بن سهيل رضه

عبدالله بن سهيل رضه: حضرت عبدالله رضه جي ڪنيت ابو سهيل آهي. هي اسلام جي شروعات ۾ ئي مسلمان ٿي ويو ۽ حبش ڏانهن هجرت ڪري ويو. ڪجهه وقت اتي رهڻ کان پوءِ مڪي موٽي آيو ته سندس پيءُ اسلام قبول ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هن کي قيد ڪري دردناڪ اذيتون ڏيڻ لڳو. تان جو هن تڪليفن کان بيزار ٿي ظاهري طرح اسلام کان بيزاري ظاهر ڪئي، پر هجرت کان پوءِ جڏهن قريش مسلمانن کي سيکت ڏيڻ لاءِ نڪتا، تڏهن هن جو پيءُ هن کي به جنگ جي ميدان ۾ وٺي ويو. جڏهن اتي پهتا ته حضرت عبدالله رضه موقعو غنيمت سمجهي ڪافرن جي صفن مان نڪري ڀڄي وڃي مسلمانن سان مليو ۽ پوءِ هو سمورين جنگين (غزوات) ۾ پاڻ ڪريم صه جن سان گڏ رهيو. حضرت بن سهيل رضه'>عبدالله بن سهيل رضه حضرت ابو بڪر صديق رضه جي خلافت جي زماني ۾ ‘مُسيلمه ڪذاب’ جي جنگ ۾ شهيد ٿيو.


لفظ عبدالله بن سهيل رضهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو